اَجن فقير ڏيرو

اَجن فقير ڏيرو: شاهه لطيف جي ننڍپڻ جو ساٿي، جنهن سان شاهه صاحب ننڍي هوندي رانديون ڪيون. اُن وقت شاهه صاحب گنباٽ لڳ پنهنجي گهرواري ڳوٺڙي ۾ رهندو هو، جنهن جو دائرو گنباٽ واري جُوءِ تائين وسيع هو. شاهه صاحب جي والده ’ڏيرا‘ ذات مان هئي. ان وقت لطيف سائينءَ جي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ يعني سندس ماسيءَ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين ۽ گنباٽ واري تر ۾ ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿيندي هئي. اجن فقير ڏيرو وڏي هوندي سندس پيارو فقير ۽ حاضريءَ جو فقير بڻيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو